اسلام آبادپاڪستان

مراد سعيد الزام لڳائڻ تي ريحام خان کي نوٽيس موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد : وفاقي وزير مراد سعيد الزام لڳائڻ تي ريحام خان کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته توهان جي نالي اڳ ۾ هڪ مسودو ليڪ ٿيو، جنهن کي توهان اڄ تائين رد ناهي ڪيو ۽ بعد ۾ شايع ڪيل مسودي جو حوالو ڏئي الزام لڳايو ويو. توهان 14 ڏينهن اندر پنهنجي لکت ۾ وضاحت ڪري معافي گهرو نه ته قانوني ڪاروائي لاءِ تيار ٿي وڃو. نوٽيس سان مختلف ٽي وي پروگرامن، تقريرن ۽ سوشل ميڊيا پوسٽس پڻ اٽيچ ڪيون ويون آهن، انهن جي وضاحت پڻ گهري وئي آهي. انهن سمورن الزامن ۾ توهان جي لکت جو نه رڳو حوالو آهي پر توهان ان کي ري ٽوئٽ پڻ ڪندا رهيا آهيو. مراد سعيد جي قانوني ٽيم طرفان موڪليل نوٽس ۾ لکيو ويو آهي ته 14 ڏينهن ۾ وضاحت ۽ معافي نه گهرڻ جي صورت ۾ عدالت کي سخت سزا ۽ هڪ ارب هرجاڻي جي درخواست ڪئي ويندي. نوٽس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسٽيبلشمنٽ ڊويزن جي طئي ٿيل طريقيڪار مطابق مواصلات واري وزارت پهرين نمبر تي آئي. گذريل ڏينهن توهان جي مسودي جو حوالو ڏئي مواصلات واري وزارت جي ڪارڪردگي کي تڪراري بڻايو ويو جنهن سان درخواست ڏيندڙ جي ساک کان علاوه وزارت سان لاڳاپيل اهلڪارن جو حوصلو پڻ گهٽيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button