اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وڌيڪ 20 حياتيون کسي ورتيون،847 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 20 ماڻهو فوت ۽ 847 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ 24 ڪلاڪن اندر ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 847 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڌيڪ هڪ هزار 236 مريض صحتياب ٿيا. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 173 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ڪل مريضن جو انگ 15 لک 8 هزار 504 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 36 هزار 803 علاج هيٺ آهن ۽ مريضن مان هڪ هزار 113 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 40 هزار 127 ٽيسٽون ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button