اسلام آبادپاڪستان

پ پ جي لانگ مارچ ۾ رڪاوٽ نه وجهنداسين،طالبان کي سپورٽ ڪبو:شيخ رشيد

اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ ۾ ڊيڊ لاڪ اچي ويو آهي. وقت اچڻ تي عمران خان سياسي سائبر اٽيڪ ڪندو. اپوزيشن ڪوڏي ڪوڏي کيڏي رهي آهي، جنهن ۾ سوڀ عمران خان جي ٿيندي. اوهان جي رٿ ناڪام ۽ عمران خان وڌيڪ مضبوط ٿيندو. اسان جي ڪوشش آهي ته طالبان جي مدد ڪئي وڃي ۽ کين ڀرپور سپورٽ ڪيو وڃي. پاڪستان کي انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي. معاملي تي پاليسي بيان پرڏيهي وزارت ڏيندي. اسان طالبان سان رابطي ۾ آهيون، 13 پاسپورٽس آفيسون کولي رهيا آهيون. ملڪ ۾ نادرا جون وڌيڪ 88 آفيسون کلنديون جنهن سان عوام کي وڌيڪ سهولت ٿيندي. ڪالهه اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته مارچ جي مهيني ۾ اوهان کي ڇنڇر آچر تي به مصروف رکنداسين. هن چيو ته 24 سالن کان پوءِ آسٽريليا جي ٽيم آئي ان کي هيڊ آف، اسٽريٽ سيڪيورٽي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته 27 فيبروري تي پاڪستان ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي خبر آهي کين پنهنجا ماڻهو ڪٿي رکڻا آهن جتي هي پنهنجا ماڻهو رکندا اتي فون سروس بند رکندا، بعد ۾ اهو نه چئجو ته ڪال اچي وئي هئي. هن چيو ته لانگ مارچ کي پوري سيڪيورٽي ڏينداسين، رستا نه روڪينداسين. هن چيو ته بلاول وزيراعظم هائوس ڇو اچي رهيا آهيو، لال حويلي اچو استيعفا ڏيون ٿا. گهرو وزير چيو ته فوج حڪومت سان گڏ هوندي آهي ،سڄي دنيا ۾ ايئن ئي ٿيندو آهي. شيخ رشيد چيو ته جيڪو سياسي ڇڪتاڻ جو سوچي رهيو آهي، اهو پنهنجي سياسي قبر کوٽيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button