سنڌ

انٽر ڪاليجٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ خورشيد بيگم گرلز ڪاليج کٽي ورتو

حيدرآباد ۾ چوٿون سنڌ ڪاليج گيمز ڪرڪيٽ گرلز انٽر ڪاليجيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ڪرڪيٽ مئچ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج لطيف آباد نمبر 11 جي گرائونڊ منعقد ڪيو ويو. گرلز ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل مئچ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لطيف آباد نمبر 8 ۽ گورنمينٽ گرلز خورشيد بيگم ڊگري ڪاليج ۾ کيڏيو ويو. جنهن ۾ پهريان کيڏندي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لطيف آباد جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي صرف 33 رنسن ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. جڏهن ته گورنمينٽ گرلز خورشيد بيگم ڊگري ڪاليج جي ٽيم ڇهن اوورن ۾ ئي ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل کٽي ورتو. ان موقعي تي کٽيندڙ ٽيم کي ريجنل ڊائريڪٽر حيدرآباد پروفيسر عبدالحميد، شازيه آخوند، گل محمد، شاهده سومرو، ظفر وحيد، عقيل احمد ٽرافي ۽ انعام ڏنو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button