سنڌ

پيروسڻ ۾ ڇوڪريءَ سان مبينا لڄالٽ،اڌارا پئسا ڦٻائڻ لاءِ الزام هنيو ويو:همراهه

پير وسڻ ڀرسان ڳوٺ ولي محمد ڏيپر جي فوتي پوليس اهلڪار جي نوجوان نياڻي پنهنجي ٻن ڀائرن ۽ مائٽن سان گڏجي هڪ وڪيل تي پينشن جا پئسا ڏيارڻ جي بهاني سان لڄالٽ جو الزام هڻي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڇوڪري دانهيو ته 8 مهينن کان هڪ وڪيل مونکي پنهنجي پيءُ مرحوم پوليس اهلڪار جي پينشن جا پئسا وٺي ڏيڻ جي بهاني سان جنسي زيادتي ڪندو رهيو آهي. وڪيل مون کي قتل جون ڌمڪيون پڻ ڏيندو رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن سان ڳالھه ڪئي ته تنهنجي ٻنهي ڀائرن کي قتل ڪرائي ڇڏيندس ۽ توکي به اغوا ڪندس، جنهنڪري مان ان خوف کان ڪنهن سان ڪا ڳالھه نه ڪئي. هن چيو ته مان ۽ منهنجو ڀاءُ ڪالهه سيٺارجا بئنڪ مان پنهنجي پيءُ جي پينشن جي پگهار ڪڍرائي بئنڪ مان ٻاهر نڪتاسين ته وڪيل ڪارا ڪپڙا پهريل ھٿياربندن سان گڏجي مون کي وارن کان پڪڙي تشدد ڪري کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ته دانهن تي شهري ۽ دڪاندار پُھچي ويا، جن مون کي بچائي ورتو،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button