سنڌ

ڪرمپور ويجهو هٿياربندن جي ٽرڪ تي فائرنگ، پورهيت اغوا

ڪرمپور ويجهو انڊس ها وي تي هٿياربند فائرنگ ڪري پورهيت کي اغوا ڪري ويا. ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڪرمپور لاڙو وٽ 20 هٿياربندن ٽرڪ تي فائرنگ ڪرڻ بعد مزدور صادق بهراڻي کي اغوا ڪري ويا. هٿياربندن پاران دهشت ڦهلائڻ لا راڪيٽ لانچر جا ٻه گولا پڻ فائر ڪيا. انڊس ها وي تي قائم چوڪين ۾ موجود اهلڪارن توڙي گشت ڪندڙ پوليس اهلڪار جوابي فائرنگ نه ڪئي، جڏهن ته هٿياربند مغوي کي کڻي ڪچي ڏانهن آساني سان فرار ٿي ويا. مغوي جي ساٿي ڊرائيورن واقعي خلاف احتجاج ڪيو. اغوا کان بچي ويل ٽرڪ ڊرائيور صدام سميجو ٻڌايو ته سوئي واري علائقي مان ريتي ڀري شڪارپور وڃي رهيا هئاسين ته ڪرمپور لاڙي وٽ هٿياربندن سڌيون گوليون هڻي هڪ مزدور صادق بهراڻي کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا. ڊي ايس پي خانپور پوليس اهلڪارن سان گڏ ڪرمپور لاڙي تي موجود هجڻ باوجود ڪا مزاحمت نه ڪئي. مغوي جي وارثن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور مغوي واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. جيڪڏهن ٻن ڏينهن ۾ مغوي بازياب نه ٿيو ته ڌرڻو هڻي انڊس ها وي بلاڪ ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button