سنڌ

بلاول کان 15 سالن جو حساب وٺڻ آيو آهيان:شاهه محمود قريشي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي حقوق سنڌ مارچ ريلي کي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ نفرت جي سياست کي هٿي ڏني وئي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو سنڌ جو غيرت مند پٽ آهي، مان شهيد راڻي بينظير ڀٽو سان به ڪم ڪيو، زرداري سان مخالفت بعد محترمه شهيد مونکي صدر بڻايو، محترمه جي پ پ ايئن نه هئي، هاڻي زرداري ليگ آهي، زرداري ليگ کي زر کپي اتي ماڻهن کي خريد ڪيو ويندو آهي جيڪي خريد نه ٿيندا آهن انهن کي ماريو ويندو آهي. سنڌ جو عوام پ پ مان بيزار ٿي ويو آهي سنڌ جي عوام کي عمران جي ضرورت آهي. بلاول اسان کان 3 سالن جو حساب وٺڻ اچي پيو مان بلاول کان 15 سالن جو حساب وٺڻ آيو آهيان. مونکي حساب ڏي. اهڙو اظهار هن شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ منعقد ڪيل جلسن کي خطاب ڪندي ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ جي عوام سجاڳ ٿئي، 2023 واري چونڊن ۾ 2010ع واري چونڊن وانگر جيئن ڪي پي ڪي جي عوام پنھنجي شعور سان پي ٽي آءِ کي حڪومت جو موقعو ڏنو، پنجاب ۾ ڪڏھن ڪو سوچي به نه سگھندو ھو ته نواز ليگ هارائيندي. 2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺھي، پنجاب ۾ نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي دفن ٿي ويا. اڄ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ وفاق ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آھي، سنڌ ۾ به 2023ع ۾ تبديلي ايندي، سنڌ ۾ به ظالم وڏيرن کان جان ڇڏائڻ جو وقت اچي ويو آھي، سنڌ جي عوام شعور رکندڙ آھي ھاڻي غلامي کان آزادي وٺن، اسان عوام سان گڏ آھيون، ھميشا زرداري ليگ ڌانڌلين سان کٽيو آھي، هن چيو ته سنڌ ۾ ترقي جو سج اڀري چڪو آهي عوام کي حق ملي ترقي ۽ خوشحالي جو دور اچي 40 چورن جو ٽولو هاڻي ميدان ڇڏي ڀڃي ويندا سنڌ جي عوام کي گذارش آهي ته انهن چورن کان حساب وٺن، زرداري قاتلن جو سربراهه آهي هو وڏو مافيا آهي الطاف لا چوندا هئا هو خطرناڪ آهي، هاڻي رزلٽ اوهان جي سامهون آهي، اڄ الطاف ناهي ۽ اسان اوهان سان گڏ آهيون. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي عوام کي صحت ڪارڊ ملي سگهي ٿو ته سنڌ جي عوام کي به ملڻ گهرجي جيڪو سنڌ حڪومت جو ڪم آهي پر عوام کي نه ٿو ڏنو وڃي. سنڌ جو عوام دربدر آهي، سنڌ ۾ نه اسپتال نه تعليم نه روزگار سنڌ موهن جي دڙي جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي هڪ منشي کي وزيراعلى بڻايو ويو آهي جنهن سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. مونکي افسوس آهي جو سنڌ جو ھڪ ذميوار وزير عمران خان خلاف غلط ٻولي استعمال ڪئي آھي پر حقيقت آھي ته عمران خان ھڪ نيڪ شخصيت آھي، جنھن ٻاھران قرض وٺي پاڪستان ۾ ڪينسر جي اسپتال قائم ڪئي، اھو ڪڏھن به پاڪستان جو پئسو نٿو کائي سگھي، ھي پاڪستان جا پئسا کائيندڙ لٽيرا آهن. ڪراچي کان گهوٽڪي تائين سنڌ کنڊرات جو ڏيک ڏي پيو اڄ واري جلسي ثابت ڪري ڇڏيو ته سنڌ جو عوام تبديلي چاهي ٿو ان موقعي تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير غلام ارباب رحيم خطاب ڪندي چيو ته ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ضلعو مون بڻايو ھو، ضلعي دوران ھتي وڏا منصوبا شروع ڪرايا ھئا پر چيڪ ۽ بئلينس نه هجڻ ڪري مڪمل طور تباھه ٿي ويا. انڊس هاءِ وي ڊبل ٿيڻ گھرجي، ڇو جو ھي سنڌ کي ٻن صوبن کي ملائيندڙ روڊ آھي، جنھن ڪري مون پرڏيھي وزير شاھه محمود قريشي کي چيو آھي ته ھي روڊ ڊبل ٿيڻ گھرجي. پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر وفاقي وزير علي زيد چيو آهي ته سنڌ جا حڪمران ڌاڙيل بڻجي ويا آھن، جيڪي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري عوام سان ظلم ڪري رھيا آھن انھن جو خاتمو ضروري آھي، اسان سنڌ جي ترقي لاءِ ھنن کان حساب وٺڻ لاءِ نڪتا آھيون، سنڌ جو عوام ھاڻي سجاڳ ٿئي. ان موقعي تي امير بخش ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي ختم ٿي چڪي آھي، ھي ھاڻي زرداري مافيا آھي، جيڪا مٿان قابض ٿي سنڌ جي عوام سان ظلم ڪري رھي آھي، سنڌين کي ھاڻي انھن جي ظلم کان آزاد ڪرائڻو آھي. پي ٽي آءِ لاڙڪاڻي ڊويزن جي صدر مير غالب حسين ڊومڪي چيو ته اسان جي ضلعي اندر پيپلزپارٽي جو ايم اين اي ۽ ايم پي ايز آھن انھن ضلعي کي لٽي تباھه ڪري ڇڏيو آھي جيڪي کرب پتي بڻجي ويا آھن، جيڪي ٽريڪٽر ڊرائيور ھوندا ھئا، انهن ڪجھه سالن اندر 500 کان وڌيڪ ھوٽلون، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ بنگلا ٺاھيا آھن انھن عوام کي لٽيو آھي.هن چيو ته مونکي ڌانڌلي ذريعي ھارايو ويو، هاڻي عوام اسان سان گڏ آھي، ايندڙ اليڪشن ۾ انھن کي شڪست ڏينداسين. جلسي کي غوث بخش مهر، مبين خان جتوئي، ايم پي اي شهريار مهر، آغا ارسلان پٺاڻ، عزيز سومرو، شعبان جکراڻي، مير حنيف خان ڊومڪي، وڪيل عبدالصمد بجاراڻي، دودو خان نندواڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button