افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم 7 وڪيٽن تان بنگلاديش کي شڪست ڏئي پاڻ کي وائيٽ واش ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش جو 194 رنسن جو ڏنل هدف افغانستان جي ٽيم 40 اوور ۾ حاصل ڪري ورتو. ان کان اڳ ون ڊي سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ ۾ بنگلاديش پهرين کيڏندي 192 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ افغانستان 3 وڪيٽن جي نقصان تي اسڪور پورو ڪري ميچ کٽي ورتي. جڏهن تھ بنگلاديش جي لٽن داس جون 86 رنسون بھ ضايع ٿي ويون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close