رانديون

فٽبال جي عالمي فيفا ميچن ۾ روسي جهنڊي ۽ تراني تي پابندي لڳائي ڇڏي

فيفا فٽبال جي عالمي ميچن ۾ روس جي جهنڊي ۽ تراني تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق فٽبال جي عالمي تنظيم گورننگ باڊي جو اجلاس ڪري يوڪرين تي ڪيل حملي بعد روس خلاف وڏي پيماني تي فيصلا ڪري پابنديون لڳايون آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ، فيفا جي گورننگ باڊي جي اجلاس ۾ ايندڙ وقت ۾ روس ۾ ڪابھ عالمي ميچ نھ ڪرائڻ جو اصولي طور فيصلو ٿيو آهي. فيفا پنهنجي اعلان ۾ چيو آهي تھ روس جي قومي ٽيم هاڻ پنهنجي نالي بدران فٽبال يونين آف روس طور ميچون کيڏندي، جيڪي ميچ نيوٽرل جڳهه تي شوقينن بنا کيڏيون وينديون. هوڏانهن شهزادي ويلم جي فٽبال فيڊريشن جي بيان ۾ چيو ويو آهي تھ يوڪرين تي روسي ظلم جي مذت ڪيون ٿا، تنهنڪري انگلينڊ روسي ٽيمن خلاف ڪابھ ميچ نھ کيڏندو. جڏهن تھ اها پابندي سينيئر يا پيرافٽ سطح تي بھ لاڳو هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button