پاڪستانسنڌ

منگلي ۾ پئسا نه ڏيڻ تي ناٺي سس کي ڪهي قتل ڪري ڇڏيو

ورڪشاپ: منگلي ۾ جوابدار سس کي ڪهي قتل ڪري ڇڏيو، سندس زال زخمي ٿي پئي. رپورٽ موجب ورڪشاپ ويجهو منگلي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومر خان ملاح ۾ 5 سئو رپيا نه ملڻ تي همراهه دريا خان عرف درو ملاح پنهنجي سس پري ملاح کي ڪاتي جا وار ڪهي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ما کي ڇڏائڻ دوارن جوابدار پنهنجي زال صاحبه ملاح کي پڻ سخت زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ جوابدار دريا خان عرف درو ملاح کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس قتل ٿيل پري ملاح جو لاش ۽ زخمي صاحبه ملاح کي کڻائي سول اسپتال سانگهڙ آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پوليس موجب عورت کي قتل ڪندڙ ناٺي دريا خان عرف درو ملاح جو ذھني توازن ٺيڪ ناھي، جيڪو اڪثر گهر ۾ جھيڙو ڪندو رھندو هو ۽ گهروارن کي پئسن لاءِ تنگ ڪندو ھو، پئسا نه ملڻ تي جوابدار سس کي قتل ڪيو. هوڏانهن علائقي واسين ٻڌايو ته جوابدار جو سڄو خاندان ذھني مريض آھي، سندس ٻين ڀائرن جو ذھني توازن به ٺيڪ ناھي. منگلي ٿاڻي تي جوابدار خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button