پاڪستانسنڌ

سنڌ جون درسگاهون نياڻين جون مقتل گاھون بڻيل آهن: زينت سمون

بدين: سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون چيو آهي ته سنڌ جون درسگاهون نياڻين جون مقتل گاھون بڻيل آهن، هاڻي درسگاهن ۾ سنڌ جي نياڻين جون عزتون به محفوظ نه آهن، جنهن جو مثال ڊاڪٽر عصمت طور، نائلا رند، فرزانه جمالي ۽ ڊاڪٽر نوشين شاہه شامل آهن، جنهن بعد سنڌ جون مائرون پنهنجي نياڻين کي اعلى تعليم لاءِ موڪلڻ کان لنوائي رهيون آهن.

سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ صالحان گوپانگ جي 4 هين ورسي جي دعوت ڏيڻ ۽ ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ تنظيمي دورو ڪرڻ بعد پريس ڪلب بدين ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اڄ ام رباب انصاف لاءِ عدالت جا چڪر ڪٽي رهي آهي، جڏهن ته تانيه خاصخيلي ۽ نگينه چانڊيو جا وارث به انصاف لاءِ واجھائي رهيا آهن. ان موقعي تي راحيلا ڀٽو، ريشمان سانول ۽ قومي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ سانول گوپانگ پڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button