پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ عورتن جي حوالي سان حالتون بدتر ٿينديون پيون وڃن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو سان غوثپور جي نياڻي حميرا ٽانوري ۽ سندس پيمحمد سلام ٽانوري حيدرآباد ۾ ملاقات ڪري دانھيو ته بااثر ماڻھو زبردستي شادي لاءِ مجبور ڪري رھيا آھن، انڪار تي ڪاروڪاري ڪري قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن، جنھن تي اياز لطيف پليجو ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ-ڪشمور امجد شيخ سان فون تي رابطو ڪري کيس متاثر نياڻي ۽ سندس خاندان کي مڪمل تحفظ ڏيڻ جو چيو ته ايس ايس پي نياڻي کي مڪمل تحفظ ڏيڻ لاءِ فوري ڪارروائي جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته ڪنھن کي به قانون ھٿ ۾ کڻڻ نه ڏنو ويندو.

ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌي سماج اندر ڏينهون ڏينهن عورتن جي حوالي سان حالت بدتر ٿيندي پئي وڃي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ عورت پنهنجي منزل ماڻڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ۽ کيس مڪمل آزادي سان گڏوگڏ مردن جيترا حق به مليا آهن پر هتي عورتن سان غلامن جھڙي صورتحال آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button