پاڪستانسنڌ

بلاول ڀٽو غريب ماڻهن جي جهاد لاءِ نڪتو آهي: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد: پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ چيو ته حيدرآباد واسي خوش نصيب آهن، جو بلاول ڀٽو مارچ دوران حيدرآباد مان گذري رهيو آهي. بلاول ڀٽو مزدورن، شاگردن ۽ غريب ماڻهن جي جهاد لاءِ نڪتو آهي، ان لاءِ عوام ساڻس گڏجي اسلام آباد پهچي. آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته نااهل حڪومت ڪري چڪي آهي ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جو لانگ مارچ نااهل حڪومت خلاف ريفرنڊم آهي.

ايم اين اي نويد قمر چيو ته عوام جو جوش ۽ جذبو شهيد راڻي جي پٽ جي محبت ۽ ملڪ کي تباهه ڪندڙن خلاف نفرت آهي. ساڍن ٽن سالن جي ڪارڪردگي اها آهي ته مهانگائي ٽيڻ تي ٿي چڪي آهي. جن ماڻهن تبديلي جي نالي تي عمران کي ووٽ ڏنا اڄ اهي به کانئس بدزن ٿي ويا آهن ته ڄاڻايل حڪومت مان سندن جان ڪڏهن ڇٽندي. پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو ته هو الله کان پناهه ٿو گهري ته جيئن عمران خان کان عوام محفوظ رهي سگهي. نثار کهڙو عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان رڳو دوکو ڏئي ٿو ۽ ڪوڙ ڳالهائي عوام کي عذاب ڏئي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button