اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 18 سالن کان گهٽ عمر جي شادي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 18 سالن کان گهٽ عمر جي شاديءَ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ننڍي عمر ۾ شادي بابت اهم فيصلو ٻڌائيندي ٻارن جي شادين بابت قانون واضح ڪري ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار تفصيلي فيصلو جاري ڪيو آهي. عدالت موجب 18 ورهين کان ننڍي عمر جي ڇوڪري پاڻ شادي نٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي ان جا وارث سندس شادي ڪرائي سگهن ٿا.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته حياتياطي طور تي بالغ پڻي جي عمر 18 سال آهي. رڳو جسماني تبديلين تي 18 سالن کان اڳ قانوني طور تي بالغ پڻو ناهي ٿيندو. جسٽس بابر ستار لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو ته مسلم فيملي لاز آرڊيننس ۾ وضاحت نه ڏيڻ جو معاملو ڪابينا ڊويزن، پارليامينٽ آڏو رکي. عدالت مسلم فيملي لاز آرڊيننس ۾ وضاحت نه هجڻ تي معاملو ڪابينا ڊويزن ۽ پارليامينٽ سامهون رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 16 ورهين جي سويرا فلڪ شير کي واپس ماءُ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ايس ايڇ او گولڙا دارالامان مان ڇوڪري واپس ماءُ جي حوالي ڪري. واضح رهي ته ڇوڪري جي ماءُ ممتاز بي بي مئي 2021 ۾ ڌيءَ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو. جڏهن ته ڇوڪري مرضيءَ سان شادي جو بيان ڏنو هو. ڇوڪري جي ماءُ ڌيءَ جي آزادي لاءِ عدالت ۾ درخواست ڏني هئي، جنهن تي فيصلو ٻڌايو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button