اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مهانگائي ۾ 1 ڏهائي 15 سيڪڙو اضافو،گيهه،داليون،کير ۽ سبزيون مهانگيون

اسلام آباد: ڳڻپ واري کاتي هفتيوار مهانگائي بابت ماهوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ڳڻپ کاتي موجب جنوري جي ڀيٽ ۾ فيبروري ۾ مهانگائي ۾ 1 ڏهائي 15 سيڪڙو واڌ ٿي، شهري علائقن ۾ مهانگائي 0 ڏهائي 93 ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ 1 ڏهائي 48 سيڪڙو وڌي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فيبروري 2022 ۾ مهانگائي جي شرح 12 ڏهائي 24 سيڪڙو رهي، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 13 ڏهائي 3 ۽ شهري علائقن ۾ 11 ڏهائي 5 سيڪڙو رهي. جڏهن ته جولاءِ کان فيبروري تائين مهانگائي جي سراسري شرح 10 ڏهائي 52 سيڪڙو رهي. ڳڻپ کاتي جي رپورٽ موجب فيبروري ۾ سيالياني بنيادن تي ٽماٽو 310 سيڪڙو، ڪوڪنگ آئل 41 ۽ گيهه 38 ڏهائي 82 سيڪڙو مهانگو ٿيو. جڏهن ته سالياني بنيادن تي مهري دال 38 ڏهائي 42 ۽ ميوا 26 سيڪڙو مهانگا ٿيا. ان کانسواءِ سالياني بنيادن تي کير، گوشت، سبزيون ۽ داليون به مهانگيون ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button