اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جو خطاب ٻڌي لڳو ته ڪنهن درست ڄاڻ ناهي ڏني:چيف جسٽس

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پيڪا آرڊيننس خلاف درخواست جي شنوائي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ائين لڳي ٿو ته وزيراعظم جي ڪنهن درست مدد نه ڪئي ۽ کيس ڪنهن درست ڄاڻ ناهي ڏني. ساک کي نقصان پهچائڻ جو قانون پيڪا کان الڳ به موجود آهي. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (پيڪا) ترميمي آرڊيننس خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي صدر جي درخواست تي شنوائي ڪئي. جسٽس اطهر من الله چيو ته هتي ته قانون لاڳو ئي ناقدن خلاف ڪيو ويندو آهي، وزيراعظم ڪالهه جيڪا تقرير ڪئي، لڳي ٿو ته کيس ڪنهن صحيح طور نه ٻڌايو هو. ساک کي نقصان پهچائڻ جو قانون پيڪا کان الڳ به موجود آهي، ائين لڳي ٿو ته وزيراعظم جي ڪنهن درست مدد نه ڪئي. درخواست گذار جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته ان پٽيشن ۾ اڳ کان داخل پٽيشنز کان 2 مختلف نقطا آهن، ايف آءِ اي وٽ اختيار ناهي ته اها ٻن پرائيويٽ پارٽيز ۾ مسئلي کي ڏسي. ايف آءِ اي رڳو اهي ڪيس ڏسي سگهي ٿي، جن جو وفاقي حڪومت سان واسطو هجي.چيف جسٽس چيو ته وفاقي جاچ ايجنسي يقيني بڻائي ته ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ۾ ڪا ڪارروائي نه ٿئي. عدالت پيڪا ترميمي آرڊيننس خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي صدر جي درخواست تي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالت درخواست کي پيڪا آرڊيننس خلاف ٻين درخواستن سان گڏائڻ جو حڪم ڏنو ۽ وڌيڪ شنوائي 10 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button