پاڪستانسنڌ

کٿڙ لڳ گھر کي باهه، نياڻي جي ڏاج سميت الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو

ھوسڙي: کٿڙ لڳ ڳوٺ بچل شورو جي حاجاڻي پاڙي ۾ امام بخش حاجاڻي جي گھر کي رڌپچا دوران چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ مينهن سميت کٽون، ھنڌ بسترا، ڪپڙا ۽ ٻيو لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. انهي حوالي سان متاثر پورھيت امام بخش حاجاڻي صحافين کي ٻڌايو ته ايندڙ جمعي جي شام منهنجي نياڻي جي شادي رٿيل آھي ۽ منهنجي نياڻي ونواھه ۾ ويٺل ھئي.

ھن چيو ته رڌپچا ڪندي چلهھ مان نڪرندڙ چڻنگ مان باھه لڳي وئي، جنهن جي ڪري گھر مڪمل سڙي رک ٿي ويو. ھن چيو ته ونواھه ۾ ويٺل نياڻي جي ڏاج سميت ھڪ مينهن پڻ سڙي وئي آھي. ھن چيو ته گھر ۾ رکيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي. ھن وس وارن کي اپيل ڪئي ته منهنجي مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button