پاڪستانسنڌ

جاتي ۾ درگاھه مگرڀين جي پانڌيئڙن سان ٿيل حادثي جو ٽيون زخمي به فوت ٿي ويو

جاتي: جاتي-سجاول روڊ ريھڙيا اسٽاپ ويجھو درگاھه مگرڀين رح جي پانڌيئڙن سان ٿيل روڊ حادثي جو ٽيون زخمي سيد محمد صديق شاھه ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جنھن جو جنازو جاتي جي ڳوٺ ڪريم ڏنو شاھه پھچايو ويو، جتان ٻنھي سڳن ڀائرن سيد ملوڪ شاھه ۽ محمد صديق شاھه جا جنازا گھرن مان نڪرڻ وقت ڪھرام مچي ويو، جڏھن ته ٻنھي ڀائرن کي درگاھه حضرت مگرڀين جي تاريخي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو.

ھوڏانھن ٽئين حادثي جي فوتي فدا حسين ڪنڀار کي ڪراچي ۾ دفن ڪيو ويو آھي، جاتي پوليس ڪارروائي ڪري روسي ٽريڪٽر ٽرالي پنھنجي تحويل ۾ وٺي، جاتي ٿاڻي تي بيھاري ڇڏيو آھي. پوليس موجب اڃا تائين ٽريڪٽر جي ڪنھن به وارثي نه ڪئي آھي ۽ نه ڪا جاتي ٿاڻي تي ڪارروائي داخل ٿي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button