پاڪستانسنڌ

ٽنڊوباگو لڳ اسڪول ۾ استاد مقرر نه ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو

ٽنڊوباگو: تعلقي ٽنڊوباگو جي يونين ڪائونسل بھادر چانڊيو جي ڳوٺ نور حسن چانڊيو جي ڳوٺاڻن پاران سندن ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ گذريل ھڪ سال کان استاد مقرر نه ڪرڻ سبب پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندي پوليو جو بائيڪاٽ ڪيو. ڳوٺاڻن غلام علي چانڊيو، امين چانڊيو، غلام قادر چانڊيو ۽ ٻين ڳوٺ جي ٻارن سميت اسڪول اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان جي اسڪول ۾ ھڪ سال کان استاد مقرر نه ٿيڻ ڪري، اسڪول جا 100 شاگرد مجبورن پڙھڻ بدران مال چاري رھيا آھن.

جيستائين اسڪول ۾ استاد مقرر نه ٿيندو، تيستائين پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو بائيڪاٽ جاري رھندو. جڏهن ته بعد ۾ تعلقي انتظاميا جي دٻا ۾ اچي ڳوٺ جي نيڪ مرد گھنور خان چانڊيو ڳوٺ جي اڌ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا. جڏهن ته ڪيترن ئي ٻارن کي ڳوٺاڻن پوليو جا ڦڙا پيارڻ نه ڏنا. رابطو ڪرڻ تي فوڪل پرسن ٻڌايو ته مون کي ان بائيڪاٽ بابت ڄاڻ ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button