پاڪستانسنڌ

سنڌ کي هٿ وٺي قبيلائي دهشتگردي جي باهه ۾ اڇلايو ويو: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي مدئجي جي ڪچي ۾ خوني تڪرار تان 10 ماڻهو قتل ٿيڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سڄي سنڌ جي پوليس پ پ ۽ پي ٽي آئي جي لانگ مارچن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آھي ۽ ماڻھو قتل ٿي رھيا آھن، سنڌ کي هٿ وٺي قبيلائي دهشتگردي جي باهه ۾ اڇلايو ويو آهي.

سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي ڪري سنڌ جو امن تباهه آهي، انسان دشمن بدبودار نظام تعليم، صحت، ترقي ۾ رڪاوٽ آهي. حڪمران چاهين ٿا ته قانون ۽ آئين جي حڪمراني بدران سنڌ ۾ سرداري ۽ جاگيرداري نظام قائم رهي ۽ ماڻهن کي غلام رکي انهن کان ووٽ وٺندا رهن ۽ پنهنجي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ کي برقرار رکن. اياز لطيف پليجي چيو ته قانون ۽ انصاف جي حڪمراني نه هجڻ ڪري سنڌ ۾ سالن کان خوني قبيلائي دھشتگردي جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button