پاڪستانسنڌ

پيرولاشاري ۾ اغوا ٿيل نينگر تلهار مان بازياب، پوليس هٿان ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينر گرفتار

پيرولاشاري/تلھار: پيرو لاشاري شھر جي هڪ مقامي هوٽل تان 10 ورهين جي نينگر علي شير لاشاري کي ڪالهه صبح جو 4 وڳي ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينر اغوا ڪري فرار ٿي ويا، وارثن فوري طور صحافين کي اطلاع ڪيو. جنهن بعد خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي بدين نوٽيس ورتو ۽ ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ناڪابندي ڪرائي ورتي.

تلهار پوليس ٽرڪ کي تلهار ويجهو مهراڻ شادي هال وٽ روڪي اغوا ڪندڙ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. جنهن ۾ ٽرڪ ڊرائيور عالم شير بروهي ۽ ڪلينر مشتاق ملاح شامل آهي، جڏهن ته نينگر علي شير لاشاري پٽ اسلم لاشاري کي بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي جي ايف آئي آر تلهار ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button