پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ ميهڙ پوليس جي زيادتين خلاف رهواسين جو مظاهرو

فريدآباد: فريدآباد ۾ ميھڙ پوليس خلاف بشير احمد ڏيرو، ميھر ڏيرو، سعيد احمد ڏيرو، وقار احمد ڏيرو، منصور احمد ڏيرو ۽ مسعود ڏيرو جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نيشنل پريس ڪلب فريدآباد اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته خليل ڏيرو ميھڙ ڪورٽ حاضري تي وڃي رھيو ھو ته ميھڙ پوليس ڳري رشوت وٺي جاگير روڊ تان گرفتار ڪري ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ميھڙ ٿاڻي جو ايس ايڇ او زاھد کوسو بااثر وڏيري جي ونگار وھندي موٽرسائيڪل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي. ھنن چيو ته خليل ڏيرو سان گڏ سردار ڏيرو ۽ واجد ڏيرو کي پوليس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. ھنن آ جي سنڌ، ڊي آ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان جاچ جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button