پاڪستانسنڌ

شاهپورچاڪر ۾ شيخ محمد حسين جي 20 هين ورسي، ڀيٽا پيش

شاهپورچاڪر: پريس ڪلب شاهپورچاڪر جي باني سرپرست اعليٰ، سينيئر صحافي، ناول نگار، شاعر ۽ اديب مرحوم ڊاڪٽر شيخ محمد حسين جي 20 هين ورسي پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي. جنهن دوران مشاعرو منعقد ڪري کيس لفظن جي ڀيٽا ڏني وئي. ان موقعي نامياري ليکڪ ۽ دانشور ايوب خاصخيلي چيو ته شيخ محمد حسين بيباڪ صحافي، ڀلوڙ شاعر، ليکڪ ۽ ناول نگار هو. 70 جي ڏھاڪي ۾ صحافت جي پيشي سان تعلق رکندي هن شاهپور چاڪر جي تاريخي شهر ۾ پريس ڪلب جو بنياد وجهي صحافت کي هٿي وٺرائي. سنڌي ادبي سنگت اڳواڻ رضا ڏاهري چيو ته شيخ محمد حسين گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. سندس سنڌي ادب ۾ ڏنل ٻن ناولن “بُولي” ۽ “پيار جو سودائي” شاهڪار ناول طور ليکيو وڃي ٿو. پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار علي ڏاهري چيو ته شاهپورچاڪر ۽ ڀرپاسي جي ماڻھن لاءِ شيخ محمد حسين پاران پريس ڪلب جي صورت ۾ ڏنل تحفو اسان لاءِ اثاثو آهي. ان موقعي تي سينيئر صحافي الياس انجم، شيخ محمد فاضل، سگا اڳواڻ جاويد احمد انڙ، پروفيسر عبدالحميد ڏاهري، محمد علي پلهھ، نواز بروهي، عطاءُ الله انڙ، استاد سومر عمراڻي، ڪامريڊ لکانو ڏاهري ۽ ٻين ڊاڪٽر شيخ محمد حسين کي لفظن جي ڀيٽا ڏني. مشاعري ۾ ناميارن شاعرن مٺل ڪنڀر، رضا ڏاهري، گل ڪيريو، نواز بالادي، مالڪ ڏاهري، سليم ڪيريو ۽ رياض ڏاهري شاعري ٻڌائي واهه واهه ڪرائي. پروگرام ۾ حاڪم ناياب، راجا سليم انڙ، آصف ميمڻ، اياز ڏاهري، پرڪاش ڪمار، بابر ڏاهري، احمد رضا، ڊاڪٽر منير شيخ، گلزار جعفري، عاشق جهلڻ، شاهد ميمڻ، آفتاب ملاح، رانا مبارڪ، حاجي ذاڪر ملڪ، محبوب ملاح، شيخ عبدالعزيز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button