سنڌڙي: ٽائون ڪميٽي هڱورنو جي ديهھ ولواري جي ڳوٺ قنبر خان شر جي رهواسين عبدالرزاق شر ۽ علي محمد شر سنڌڙي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هڱورنو جي صحت کاتي جا عملدار ڳوٺ ۾ ڪرونا وائرس جي وئڪسين جا ڪوڙا ڪارڊ ٺاهي ڏنا آھن، ڳوٺ ۾ ڪنھن کي به ڪرونا وائرس کان بچا واري وئڪسين ناهي ٿي، پوليو مهم دوران به ڳوٺ جي ٻارن کي ڦڙا نٿا پياريا وڃن. اسان عملي کان پڇا ڪئي ته عملي منھن ماري ڪري ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس کڻي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close