پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلو، ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعوى

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلو، پوليس جي گهربل ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعوى، مقابلي کانپو سمورن ٿاڻن جي پوليس الرٽ، روڊن، رستن تي چيڪنگ سخت ڪئي وئي. لاش رات دير تائين اسپتال ۾ پيل رهيا. خبر موجب حيدرآباد جي حالي روڊ ٿاڻي جي حد جي علائقي امريڪن ڪوارٽر ۾ حالي روڊ پوليس منشيات ۽ ڏوهن جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل ٻن جوابدارن سان پوليس مقابلي جي دعوى ڪئي. پوليس ترجمان موجب مشهور منشيات فروش ۽ ڊيلر سليم چريو ۽ نور السلام عرف ٿري مقابلي ۾ مارجي ويا آهن. جوابدارن جي قبضي مان 2 پستول پڻ مليا آهن. پوليس ٻڌايو ته جوابدارن سان حسين آباد پوليس ۽ حالي روڊ پوليس گڏيل مقابلو ڪيو آهي. جوابدارن خلاف حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن تي اغوا، قتل، ڌاڙن، ڦرن سميت مختلف قسم جا 74 ڪيس داخل آهن. پوليس رڪارڊ موجب نور السلام عرف ٿري خلاف 42 ۽ سليم چريا خلاف 31 ڪيس داخل ٿيل آهن.

مقابلي بعد لاش سول اسپتال آندا ويا. قانوني ڪارروائي بعد رات دير تائين لاش سول اسپتال پيل هئا. جتي وارث نه پهتا هئا، ڊي ايس پي حالي روڊ عبدالخالق جهتيال ٻڌايو ته مارجي ويل وڏا ڏوهاري ۽ منشيات فروش هئا، لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي. جنهن بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا، جوابدار حيدرآباد ۾ ڏوهي وارداتن سان گڏ منشيات جو ڌنڌو ڪندا هئا. ٿري جوابدار اڳ ۾ هڪ ڇوڪري کي پڻ اغوا ڪيو. تازو ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي ايس ايڇ او تي فائرنگ پڻ ڪئي هئي، پوليس موجب ته مارجي ويل جوابدار وحشت جي علامت بڻيل هوندا هئا. ٻئي طرف پوليس طرفان مقابلي واري هنڌ امريڪن ڪوارٽر ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button