سنڌ

گهوٽڪي ۾ قبرستان ۾ لاش دفنائڻ نه ڏنو ويو،ڇڪتاڻ سبب 3 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي جي ميمڻ پاڙي ۾ رهواسي علي رضا ميمڻ فوت ٿيڻ بعد وارث سندس مڙهه دفنائڻ لا گهوٽڪي جي خاڪي شاہه قبرستان کڻي پهتا ته هڪ مذهبي جماعت جي ماڻهن اعتراض ڪري تدفين کان روڪي ڇڏيو، جنهن کانپو ڌرين ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي، هڪٻئي کي ڌڪا ڏيڻ ۽ پٿر هڻڻ سبب 3 ڄڻا قائم الدين، معشوق علي ۽ ثابت علي زخمي ٿي پيا، جنهن کانپو رهواسين سلیمان ميیمڻ، قربان ميیمڻ، عبدالرشیيد ميیمڻ جي اڳواڻي ۾ ڊي ايس پي گهوٽڪي جي آفيس اڳيان لاش رکي ڌرڻو هڻي مذهبي جماعت جي اڳواڻ خلاف ڪارروائي جي اپيل ڪئي، جنهن کانپو ڊي ايس پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري مڙهه کي ساڳي قبرستان ۾ ٻئي هنڌ دفنائڻ تي راضي ڪيو، جنهن کانپو فوتي همراهه جو مڙهه ساڳي قبرستان خاڪي شاهه قبرستان ۾ دفنايو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button