مدئجي ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ڀڙڪي اٿيو، هڪٻئي تي زبردست فائرنگ ڪري راڪيٽ لانچر فائر ڪيا ويا. 3 ڀائرن سميت ٻنهي ڌرين جا 8 ماڻهو مارجي ويا. اطلاع تي پوليس پهتل فائرنگ بند ٿيڻ جو انتظار ڪندي رهي. چڱن مڙسن جي مداخلت تي فائرنگ بند ڪرائي لاش اسپتال آندا ويا. پوليس هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي. رپورٽ موجب مدئجي جي ڪچي واري علائقي جهٻر شيخ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميرل جي وانڍ ۽ ڳوٺ ڊرگهپور جي رهواسي حفيظ ڪلهوڙو ۽ دلاور جوڻيجو جي ڌرين ۾ 10 سالن کان چوري معاملي تان شروع ٿيل تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين جي هٿياربند ماڻهن هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني ۽ راڪيٽ لانچر فائر ڪيا، ٻنهي ڌرين ۾ ٻن ڪلاڪن تائين هلندڙ فائرنگ دوران ڌرين جا 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا. مارجي ويل ماڻهن ۾ جوڻيجا ڌر جا ٽي ڀائر مدن جوڻيجو، معشوق جوڻيجو پٽ دلاور جوڻيجو، مرزا جوڻيجو، علي رضا جوڻيجو ۽ سندن پاران ڪانڍجي آيل عاشق مڱڻيجو شامل آهن. جڏهن ته ڪلهوڙا ڌر جا بدل ڪلهوڙو، سعيد ڪلهوڙو ۽ ابراهيم ڪلهوڙو به گولين جو بک بڻجي ويا. فائرنگ سبب سمورو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، فائرنگ سبب مارجي ويل ماڻهن جا لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيا، بروقت واقعي جي اطلاع تي پهتل پوليس جهلي بند تي بيهي ڌرين ۾ هلندڙ فائرنگ بند ٿيڻ جو انتظار ڪندي رهي. واقعي جي ٽن ڪلاڪن کانپوءِ پوليس ٻنهي ڌرين جي چڱن مڙسن جي مداخلت بعد ڌرين ۾ هلندڙ فائرنگ بند ڪرائي ۽ لاش کڻايا، جيڪي ڌار ڌار ڊاٽسن ۽ مزدا ذريعي تعلقي اسپتال پهچايا ويا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻن ڄڻن بدل ڪلهوڙو ۽ ابراهيم ڪلهوڙو جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ مدئجي اسپتال نه آندا ويا. ذريعن موجب ٻنهي مقتولن جي لاشن جو ڊاڪٽر ڪچي جي علائقي ۾ گهرائي پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڌرين وچ ۾ ذاتي تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان واقعو پيش آيو، فائرنگ ۾ ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا مارجي ويا آهن، صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي. جھٻر شيخ ٿاڻي تي اسان وڏي انگ ۾ پوليس نفري مقرر ڪري اي پي سين چين واري گاڏي ۽ بڪتر بند گاڏيون اماڻيون آهن، جهيڙيندڙ ڌرين جي علائقن ۾ پوليس چوڪيون قائم ڪيون آهن، مارجي ويل ماڻهن جي وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪيا ويندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close