سنڌ

مدئجي ۾ عورت جو پنهنجي امڙ، ڀائرن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج

مدئجي ويجهو ڳوٺ ڳاهيجا واسي عورت اربيلي ابڙو، سندس ما منظوران ۽ ڀائرن اربيلو ابڙو، سميع الله، رسول بخش ابڙو ۽ معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري پاڪ ڪتاب هٿن ۾ کڻي پنهنجي مڙس عبدالوحيد ابڙو ۽ ڀا امان الله ابڙو جي ناجائزين خلاف مدئجي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورت اربيلي ابڙو دانهيندي چيو آهي ته منهنجو مڙس ۽ منهنجو ڀا ملڪيت جي لالچ ۾ اچي مونکي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته ڀا ۽ مڙس مونکي پنهنجي ڀائرن کان ملڪيت وٺي ڏيڻ لا دٻا وجهي رهيا آهن، جڏهن ته منهنجي ڀائرن وٽ ڪا ملڪيت ناهي ته مان ڇا وٺي ڏيان، مون کان منهنجا ٽي ٻارڙا به مڙس کسي ويو آهي ۽ ملڪيت نه وٺي ڏيڻ جي صورت ۾ ڪنهن سان به ڪارنهن الزام ڏئي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته منهنجي مڙس ۽ ڀا خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button