سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ عورت جو اڳوڻي مڙس ۽ سندس مائٽن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي نظر پاڙي واسڻ عورت اڳوڻي مڙس ۽ سندس مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عورت ستارا بتول ميراڻي دانهيندي الزام لڳايو ته 7 مهينا اڳ مدئجي جي ڳوٺ ترائي جي رهواسي عبدالله ککراڻي پنهنجي ڀائرن سان گڏجي لاڙڪاڻي مان اغوا ڪرڻ بعد مونسان زبردستي شادي ڪئي. مڙس ۽ سندس ڀائر مبينا غلط ڪم ڪرڻ لا تنگ ڪندا هئا، انڪار تي تشدد ڪندا هئا. ڪجھه ڏينهن اڳ تنگ ٿي مڙس کان طلاق گهري، جنهن زباني طور طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو، جنهن بعد مان پنهنجي ماسي زبيده زال ارشاد ابڙو وٽ رهندي آهيان. طلاق ملڻ بعد منهنجي ماسات علي ابڙو سان ٻي شادي ڪرڻ چاهيان ٿي پر اڳوڻو مڙس ٻي شادي کان روڪيندي ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي. اختياريون نوٽيس وٺي اڳوڻي مڙس ۽ سندس مائٽن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏيارين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button