سنڌ

”ڌي جي ڳولا ۾ مدد ڪريو“ لاڙڪاڻي ۾ پيرسن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ بادلاهي ڀٽا جي رهواسي پيرسن لاپتا ٿيل ڌيءُ جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو . ان موقعي تي پيرسن ڳوٺاڻي الاهي بخش ڀٽو دانهيندي چيو ته 5 ڏينهن اڳ ڳوٺ جون عورتون منهنجي 35 ورهين جي نياڻي روبينه خاتون کي پاڻ سان گڏ نئون ديرو وٺي ويون، جتان هو گم ٿي وئي آهي، گم ٿيل نياڻي جو ذهني توازن درست ناهي. هن چيو ته نياڻي جي گم ٿيڻ بابت پوليس کي اطلاع ڏيڻ سميت مٽن مائٽن وٽ ڳولا ڪئي پر ڪٿان ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجھه ڏينهن اڳ هڪ عورت اسان کي زخمي حالت ۾ هٿ آئي هئي، جنهن کي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو، پوليس جي اهڙي ڏس تي اسپتال مان جاچ ڪرائي پر پوءِ به نياڻي جو پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن ضلعي انتظاميا، پوليس عملدارن سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته نياڻي جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button