سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ مهانگائي جي عذاب خلاف راڳ ڳائي احتجاج

سنڌ جي مشهور ڪلاسيڪل راڳي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف پريس ڪلب اڳيان راڳ ڳائي انوکو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي راڳي فقير امداد حيدري چيو ته ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن مهانگائي وڌندي پئي وڃي، جڏهن ته پيٽرول، گئس، بجلي سميت عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، جنهن ڪري عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، جڏهن ته غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي ڪري ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته ثقافت کاتي پاران ملندڙ وظيفي مان گذر سفر مشڪل بڻجي ويو آهي، هن مهانگائي جي دور ۾ اسان فنڪار ڏکين حالتن مان گذري رهيا آهيون، جنهن لاءِ ثقافت کاتي سنڌ جي سيڪريٽري کي اپيل ٿو ڪريان تي مهانگائي کي نظر ۾ رکندي اسان فنڪارن جي وظيفي ۾ اضافو ڪيو وڃي ته جيئن پنهنجي معصوم ٻچن جو پيٽ گذر ڪري سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button