پاڪستانرانديون

آ سي سي رينڪنگ جاري، ون ڊي ۽ ٽي-ٽوئنٽي ۾ بابراعظم جي بادشاهي برقرار

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي-20، ون ڊي ۽ ٽيسٽ رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. آءِ سي سي جي تازي ٽي-ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم پهرين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته پاڪستاني بيٽسمين محمد رضوان به بيٽسمينن ۾ ٻئي نمبر تي آهي. ٽي-20 بالرن ۾ ڏکڻ آفريڪا جو تبريز شمسي پهرين نمبر، پاڪستان جو شاداب خان ڏهين نمبر ۽ شاهين شاهه آفريدي 12 هين نمبر تي آهي. افغان ٽيم جو محمد نبي ٽي-20 آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي آهي.

آءِ سي سي نئين ٽيسٽ رانديگرن جي رينڪنگ پڻ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ آسٽريليا جو مارنوس ليبوشن پهرين نمبر تي برقرار آهي، انگلينڊ جو جوروٽ ٻئين ۽ آسٽريليا جو اسٽيو سمٿ ٽئين نمبر تي آهي. ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم نائين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته آسٽريليا جو ڊيوڊ وارنر ڏهين نمبر تي اچي ويو آهي. بالرن ۾ آسٽريليا جو پيٽ ڪمنز پهرئين، ڀارت جو روي چندرن ايشون ٻئين ۽ ڏکڻ آفريڪا جو ڪگيسو ربادات ٽئين نمبر تي رهيو. بالرن ۾ پاڪستان جو شاهين آفريدي چوٿين نمبر تي آهي.

ون ڊي رانديگرن جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جو بابراعظم پهرئين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته ڀارت جو ويرات ڪوهلي ٻئين ۽ روهت شرما ٽئين نمبر تي آهي. نئين رينڪنگ ۾ پاڪستان جو فخر زمان نائين ۽ امام الحق هڪ درجو مٿي چڙهي 11 هين نمبر تي اچي ويو آهي. بالرن ۾ نيوزيلينڊ جو ٽرينٽ بولٽ پهرئين، آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ ٻئين ۽ افغانستان جو راشد خان 4 پوائنٽن جي ترقي کانپوءِ نائين نمبر تي آهي. ون ڊي بالرن جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جو شاهين آفريدي 14 هين نمبر تي آهي جڏهن ته بنگلاديش جو شڪيب الحسن ون ڊي آل رائونڊرز ۾ پهرين نمبر تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button