پاڪستانسنڌ

تعليم حاصل ڪرڻ هر ٻار جو بنيادي حق آهي: ڊي سي بدين

بدين: ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان چيو آهي ته تعليم حاصل ڪرڻ هر ٻار جو بنيادي حق آهي، جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بهترين تعليمي ماحول مهيا ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ تيل ۽ گئس ڪمپنين جي پروڊڪشن بونس فنڊز مان تعمير ڪرايل 43 اسڪولن کي فرنيچر فراهم ڪيو پيو وڃي.

اهڙن خيالن جواظهار هن ڪالهه ٽنڊوباگو روڊ تي محمد عرس ملاح اسڪول کي فرنيچر فراهم ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي هن محمد عرس ملاح اسڪول جو دورو ڪندي تدريسي سرگرمين جو جائزو ورتو ۽ اسڪول انتظاميا کان بريفنگ ورتي. ان موقعي تي ڊي سي بدين مختلف ڪلاسن جو معائنو ڪيو ۽ ٻارن کان اسڪولي تعليم بابت سوال ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button