اسلام آبادپاڪستان

سڀني کي نوڪري نٿا ڏئي سگهون،نوجوان هنر سکن،ڪاروبار ڪن:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم سان واعدو ٿو ڪيان ته شهري جيترو ٽيڪس ڏيندا اوترو هيٺين طبقي تي خرچ ڪندس. حڪومت وٽ ايترا پئسا ناهن جو هر ڪنهن کي نوڪري ڏئي سگهي، نوجوانن کي صلاح آهي ته اهي هنر سکن ۽ ڪاروبار ڪن. ڪالهه اسلام آباد ۾ بنا وياج قرض ڏيڻ واري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايف بي آر سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس جمع ڪيو آهي. اسان وٽ ٽئڪس اوڳاڙي ذريعي پيسا وڌيڪ آيا، جنهن ڪري بجلي جو في يونٽ 5 رپيا ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل 10 رپيا في لٽر گهٽ ڪيو. هن چيو ته قوم کي چوان ٿو ته جيترو ٽيڪس ڏيندئو، اهو پيسو هيٺين طبقي تي لڳائيندس. وياج جي بنا قرض ڏئي رهيا آهيون، پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ 20 لک رپين جو قرض بنا وياج جي ڏئي رهيا آهيون. اسان جو مقصد آهي ته ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهن. هن چيو ته هر شهر ۾ ڪچيون آباديون وڌي رهيون آهن، ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ڪچيون آباديون آهن، لاهور ۾ به ڪچي آباديون وڌي ويون آهن، بنا وياج جي قرض ان ڪري ڏئي رهيا آهيون ته جيئن غريب ماڻهو به پنهنجي گهر جو خواب ڏسي سگهن. وزيراعظم چيو آهي ته صحت ڪارڊ تي فخر آهي، مارچ جي آخر تائين پنجاب جي سمورن خاندانن کي صحت ڪارڊ پهچي ويندو. هيلٿ ڪارڊ ذريعي سٺي کان سٺي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهبو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جنهن نظريي تي ٺهيو هو، ان تي نه هلي سگهياسين ۽ جيڪو انسان پنهنجي نظريي سان هٽي ٿو اهو گمراهه ٿي وڃي ٿو. پاڪستان هڪ وڏي خواب جو نالو هو، اسان کي هڪ مثالي اسلامي فلاحي رياست بڻجڻو هو، پر هي افسوسناڪ آهي ته 1947 ۾ جيڪو اسان جو قبلو هجڻ گهرجي ها اسان ان تي نه هلياسين. عمران خان چيو آهي ته ايندڙ سال تائين 45 لک خاندانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ گهرن جي اڏاوت لاءِ هڪ هزار ارب رپين جا بنا وياج قرض ڏنا ويندا. گهرن جي تعمير لاءِ بئنڪن هيستائين 45 ارب رپين جا قرض ڏنا آهن. وزيراعظم چيو ته ڳوٺن ۾ ساڍا 3 لک رپين تائين جڏهن ته شهرن ۾ 5 لک رپين تائين بنا وياج قرض ڏنا ويندا ته جيئن ماڻهو پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿي سگهن. گهر جي تعمير لاءِ 20 لک رپيا قرض ڏنو ويندو. حڪومت نوجوانن کي مختلف هنر سيکاريندي ته جيئن اهي پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿي سگهن. هن چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن، نوجوانن کي 6 کان 12 مهينن ۾ آءِ ٽي جي ضروري تربيت ڏئي سگهجي ٿي. مقصد عوام کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿي سگهن ڇو ته حڪومت هر ڪنهن کي نوڪري نٿي ڏئي سگهي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان ڪامياب پروگرام تحت بنا وياج قرض وٺندڙ شهرين ۾ چيڪ ورهايا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button