پاڪستانسنڌ

دڙي واسي کي زال گهران ڪڍي ڇڏيو، تشدد جون دانهون

ورڪشاپ: ورڪشاپ ويجهو دڙي جو راھوسي غلام حسين ڀٽي زال جي ظلمن کان تنگ اچي پريس ڪلب ورڪشاپ پهتو. پريس ڪلب تي ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام حسين ڀٽي چيو ته زال زاھدان ڀٽي سڄي سڄي رات فون تي ڪنهن ٻي سان ڳالهائيندي رھي ٿي، روڪڻ تي هن مون مٿان سخت تشدد ڪيو ۽ مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو، ھاڻ خرچ به گهري ٿي، آئون گذريل ٽن مھينن کان دربدري واري زندگي گذاري رھيو آھيان، مون کي زال مان خطرو آھي، هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندي. هن ايس ايس پي سانگهڙ ۽ منگلي پوليس کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ آئون خودڪشي ڪري ڇڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button