پاڪستانسنڌ

شيخ اياز جي شاعري کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو: حيدرآباد ۾ مذاڪرو

حيدرآباد: سنڌ جي عالمن ۽ اديبن شيخ اياز کي جديد سنڌي شاعريءَ جو باني قرار ڏيندي چيو آهي ته سندس شاعري ۽ نثر کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري کيس عالمي سطح تي آڻڻ سان گڏ سندس شاعري کي سنگيت ڏيڻ طرف ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هنن سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي 99 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي منعقد ڪرايل مذاڪري کي خطاب ڪندي ڪيو. ناليواري شاعر ڊاڪٽر اسحاق سميجو چيو ته اياز پنهنجي شاعري ۾ تهذيبي ۽ تاريخي ورثي کي ڳنڍيو آهي، بنيادي طور اياز سنڌ جي تهذيب، تاريخ، ٻولي، گيت موسيقي ۽ ادب کي نچوڙي ٻڌايو آهي ته سنڌ جو اگر مذهبي طور نقطه نظر آهي ته اهو ڪهڙو آهي، اگر تهذيبي ۽ فڪري ورثو آهي ته اهو ڪيئن آهي.

سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيو ته شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ سنڌ ڌڙڪي ٿي، هن سنڌ جي خوشين، غمن، ريتن، رسمن ۽ ٻولي جي لهجن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سميٽيو آهي. هن چيو ته جديد سنڌي شاعريءَ هجي توڙي نثر اياز بي مثال ڪم ڪيو آهي، پروفيسر ادريیس جتوئي، تاج جويو، ڊاڪٽر شير مهراڻي، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي چيو ته شيخ اياز جو هر قدم ڪامياب رهيو ڪٿي به سندس پير نه لُڏيا، مذاڪري کي ڀارو مل امراڻي، ڊاڪٽر فياض لطيف، نصير مرزا، ڊاڪٽر مشتاق گبول، ڊاڪٽر عبدالوحيید ڪلوڙ، ضيا ابڙو پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button