پاڪستانسنڌ

پ پ سنڌ ۽ عمرا خان ملڪ کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي: اياز لطيف پليجو

بدين: قومي عوامي تحريڪ جو سربراھه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته پ پ سنڌ کي ۽ عمرا خان ملڪ کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي، ٻنھي سنڌ کي ڪرپشن، غربت، مھانگائي ۽ تباھي کانسوا ڪجھ ناھي ڏنو، هن چيو ته پيپلزپارٽي 14 سالن کان سنڌ جي اقتدار تي قابض رھي ڪرپشن ڪيسن ۾ رعايت وٺڻ لا ڪڏھن ڪراچي جي زمينن تي قبضا، ڪڏھن ٻيٽن جو وڪرو، ڪڏھن ڪارونجھر جي نيلامي ته ڪڏھن ڪڻڪ، ڪمند، ڦٽين جا اگھه ڪيرائي ۽ پاڻي تي ڌاڙا ھڻي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو آھي. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ امير سنڌ ۾ باقي صوبن کان وڌيڪ غربت آھي، نوڪريون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، ڪا نئين صنعت نه لڳي آھي، ڪو صنعتي زون قائم نه ٿيو آھي، سنڌ حڪومت 18 هين ترميم کي پنھنجي ڦرلٽ لا استعمال ڪيو آھي، سنڌ جي سرڪاري تعليم ۽ صحت جو ڪو معيار ناھي، ماڻھو پنھنجون ملڪيتون وڪڻي پرائيويٽ اسپتالن مان علاج ڪرائين ٿا، پاڻ حڪمران بيمار ٿيڻ تي ٻاھرين ملڪن ۾ وڃي علاج ڪرائين ٿا، بدين، ٿر، سانگھڙ، ڪنڌڪوٽ، ڪاڇو، ڪوھستان سميت سنڌ جو غريب عوام نااھل ۽ ڪرپٽ حڪومت جي ڪري غربت ۽ بدحالي جي زندگي گذارڻ ۽ خودڪشين تي مجبور آھي.

اهڙو اظهار هن ڪالهه بدين ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ صالحان گوپانگ جي چوٿين ورسي جي جلسي ۾ خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته صالحان گوپانگ سنڌياڻي تحريڪ جي انقلابي عورت اڳواڻ ھئي، ھن ڪالاباغ ڊيم، پاڻي تي ڌاڙي، مھاجر صوبي، بھارين جي آبادڪاري ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف سکر کان ڪراچي تائين لانگ مارچون ڪيون. بدين سميت سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عورتن کي منظم ڪيو ۽ انھن کي قومي حقن لاءِ بيدار ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ عورتن سان غلامن جھڙو سلوڪ آھي، نياڻين کي اغوا ۽ قتل ڪيو وڃي ٿو، عورتن تي تشدد انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجھد ۽ ڪردار کان متاثر ٿي مذھبي ۽ وفاقي تنظيمن به عورتن کي اڳيان آندو آھي، سنڌ ۾ عورتون، ٻار ۽ اقليتي ماڻھو محفوظ ناھن، ڪڏھن انھن کي اغوا ڪري زيادتي ۽ بدتر تشدد جو نشانو بنايو وڃي ٿو ته ڪڏھن بيگناھه قتل ڪيو وڃي ٿو. اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قانون ته موجود آھي پر انھن تي عمل نٿو ڪيو وڃي. سنڌ ۾ جرڳائي نظام ذريعي عورتن ۽ ڪمزور ماڻھن سان بدتر سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. درجنين ماڻھو قتل ڪيا وڃن ٿا ۽ پو جرڳا ڪري انھن خونن کي لوڙھيو وڃي ٿو.

هن چيو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ڊليور ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن، ھي ٻئي حڪومتون عوام لاءِ آزار بڻجڻ جو سبب بڻيل آهن، پيپلزپارٽي جي حڪومت مسلسل ٽيون ڀيرو سنڌ ۾ حڪمراني ڪري رھي آھي پر ھن وقت تائين سڄي سنڌ ھڪ ۾ ماڊل شهر ٺاهي نه سگهي آهي، سنڌ جي عوام کي اڄ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ڪري سگهي آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ پوليس توڙي ٻين کاتن کي ھٿ وٺي وڏيرن، جاگيردارن پيرن سردارن ۽ چونڊيل نمائندن جو غلام بڻايو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته اسان کي اردو ڳالهائڻ وارن پنجابي، سرائڪي، پشتو، بلوچن سان پيار آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ عورتن جي حقيقي درد جو درمان سنڌياڻي تحريڪ آهي، سنڌ جي ۽ عوام جي حقن جي جدوجھد ۾ جيستائين عورتن کي شامل نه ڪيو ويندو، تيستائين ڪاميابي نه ملندي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، مرڪزي ترجمان اشرف پليجو، سنڌي گرلس اسٽونڊٽس تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري راحيلا ڀٽو، سانول گوپانگ، گيانچند مھيشوري، اصغر نوتڪاڻي، حنيف باگراڻي، نوابشاھه جي شاگردياڻي پروين رند ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button