سنڌ

باڊهه جو سينيئر صحافي اقبال احمد چنا وفات ڪري ويو

باڊهه جو سينيئر صحافي پريس ڪلب جو نائب صدر اقبال احمد چنا ڪافي وقت مختلف بيمارين سان جھيڙيندي گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ 35 ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. صحافي اقبال احمد چنا جيري جي سائي، معدي جي السر ۽ ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ وارين بيمارين ۾ مبتلا ھو، ڪجھه ڏينھن کان ھو گمس اسپتال ۾ داخل ھو جتي ھلندڙ علاج دوران ھن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. درگاهه شريف جي جامع مسجد ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه کي درگاهه شريف جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button