سنڌ

ڊي سي لاڙڪاڻي رتوديرو پهچي مختلف اسڪولن جا دورا ڪيا

ڊي سي لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو رتوديرو پهچي مختلف ڳوٺن جي اسڪولن جو دورو ڪرڻ سان گڏ اسڪيمن جو جائزو ورتو. هن شهر ۾ لڳل مٺي پاڻي جي واٽر فلٽر پلانٽن جو به دورو ڪيو ۽ جيڪي پلانٽ خراب هئا انهن کي درست ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جن به اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي اها پوري ڪئي ويندي ۽ تمام جلد رتوديرو واسين کي مٺي پاڻي جي سهوليت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته 66 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان مٺي پاڻي واري واٽر سپلاءِ اسڪيم جلد شروع ڪئي ويندي جنهن جي بجيٽ منظور ٿي آهي. ان کان علاوه هن رتوديرو شهر جي شاهه لطيف پبلڪ پارڪ جو به دورو ڪيو ۽ اتي موجود ماڻهن کان پارڪ بابت تفصيل ورتا، جڏهن ته اڄ خميس ڏينهن اي سي رتوديرو ۽ ميونسپل ڪميٽي جي سي ايم او ۽ ايڊمنسٽريٽر کي طلب ڪيو آهي. هن سان گڏ ايڪسيئن پبلڪ هيلٿ احمد خان ابڙو ۽ ڊي اي او سيڪنڊري اختر ڪوريجو گڏ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button