سنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو سڱ نه ڏيڻ تان هٿياربندن بيواهه عورت قتل ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻي جي پير شير ٿاڻي جي حد ڳوٺ رضا محمد بروهي ۾ سڱ نه ڏيڻ جي ڳالهه تان هٿياربندن مبينا فائرنگ ڪري بيواھه عورت زڪيه ڌيءُ سراج جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جو اطلاع ڳوٺاڻن حد جي ٿاڻي تي ڏنو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو. ان موقعي تي مقتولا جي ما آمنه جتوئي دانهيندي چيو ته منهنجي نياڻي زڪيه خاتون بيواهه هئي، جنهن کي هڪ پٽ ۽ نياڻي جي اولاد آهي. هن الزام لڳايو ته ڪجھه وقت اڳ ڳوٺ حمزو جتوئي جي رهواسي بااثر ڪاشف پٽ صالم جتوئي نياڻي زڪيه خاتون جو سڱ گهريو هو، انڪار تي هن ڌمڪيون ڏنيون ته تنهنجي پٽ يوسف کي قتل ڪرڻ سان گڏ زڪيه کي اغوا ڪري شادي ڪندس، جڏهن ته اڄ جوابدار ڪاشف جتوئي پنهنجي ڀائرن بشير، اسلم جتوئي ۽ سئوٽ بلاول جتوئي سان گڏجي اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري منهنجي بيواهه نياڻي زڪيه کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن، واقعي جو اطلاع پيرشير ٿاڻي تي ڏنو آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ سان گڏ سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏئي نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button