سنڌ

رتوديرو مان کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لائي احتجاجي مظاهرا

رتوديرو مان 12 ڏينهن اڳ ڪراچي پوليس پاران کنڀي گم ڪيل 7 ڄڻن جي بازيابي لا جسقم پاران لاڙڪاڻي ۽ رتوديرو ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ رتوديرو ۾ آصف اوڍو، علي رضا عارباڻي، اڪرم ڀٽي، عبدالرحمان قريشي، انصار چنا، عبدالسميع گهانگهرو، ساقي ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رتوديرو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي طرف جسقم پاران کنڀي گم ڪيلن جي معصوم ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي جسقم ضلعي صدر عزيز الرحمٰن شيخ، زوهيب سومرو، امتياز موريو، نويد سانگي کنڀي گم ڪيلن جي معصوم ٻارڙن سبحان زهره، عارش، شهباز، اظهر، محمد حسين، مبارڪ، حيدر علي، عليشا ۽ ٻين سان دانهيندي چيو ته 12 ڏينهن اڳ رتوديرو شهر مان قومي ڪارڪنن توڙي شهرين منظور علي قريشي، جمن، محمد قاسم قريشي، فهد علي قريشي، غازي خان قريشي، عبدالفتاح قريشي ۽ ٻين کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪي ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث ناهن ۽ نه ئي سندن خلاف ڪو ڪيس وغيره داخل آهي، جڏهن ته کنڀي گم ڪيل شهرين جا هي معصوم ٻارڙن پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ پيرين اگهاڙي ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهن، پر هن وقت تائين ڪو تدارڪ ناهي ڪيو ويو. هنن چيو ته جيڪڏهن هو ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث آهن ته کين ظاهر ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن سندن وارثن ۾ ڇانيل پريشاني ختم ٿي سگهي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن ۽ شهرين کي آزاد ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button