سنڌ

اسان سنڌ جي مالڪي ڪرڻ ۾ سستي ڪئي آهي:شاهه محمود قريشي

پرڏيهي کاتي جي وفافي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بلاول زرداري ووٽن جي ذريعي ته ڪڏھن به وزيراعظم نه ٿيندو، باقي ٻيو ڪو طريقو هجي ته خدا کي خبر. ڇو جو پ پ نه پنجاب ۾، نه بلوڇستان ۾، نه ڪي پي ڪي ۾ آهي ۽ نه وري سنڌ جي دل ڪراچي ۾ آهي، باقي ڪٿان ووٽ کڻي وزيراعظم ٿيندو؟ هن اهڙو اطهار سڪرنڊ ۾ گل محمد رند جي رھائشگاهه همدرد هائوس تي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته يوڪرين ۽ روس واري جنگ کانپوءِ پاڪستان جي ٽن هزار شاگردن مان 1131 شاگردن کي خير و عافيت سان بارڊر ڪراس ڪرائي چڪا آهيون. باقي شاگردن جون ڪاغذي ڪارروايون رڪيل آهن، ان باوجود ٽن ملڪن جي وزارت خارجه سان رابطي ۾ آهيون. هن چيو ته مان سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي عظمت کي سلام ٿو پيش ڪيان، جن سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان جي وجود جي قرارداد پيش ڪئي. مونکي اجرڪ وارن سنڌين سان پيار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button