سنڌ

مدئجي ويجهو قتل ڪيل 8 ڄڻن جي هٿيارن جي ڇانو ۾ تدفين، ڪيس داخل

مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪلهوڙا-جوڻيجا تڪرار تان مارجي ويل 8 ڄڻن جي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي. ڌريون لاڳيتو مورچا بند بڻيل آهن. خبر موجب ٻه ڏينهن پهريان مدئجي جي ڪچي واري علائقي جهٻر شيخ ٿاڻي جي حد ۾ ڪلهوڙو-جوڻيجا تڪرار تان مارجي ويل 8 ڄڻن جون پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڳوٺ ميرل ڪلهوڙي ۾ ڪلهوڙا برادري جي مارجي ويل ٽن ڄڻن بدل ڪلهوڙو، سعيد ڪلهوڙو ۽ ابراهيم ڪلهوڙو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪلهوڙا برادري جي ماڻهن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. لاش کڄڻ مهل سڄي ڳوٺ ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ هر اک آلي ٿي وئي، جنهن بعد مقتولن جا مڙهه هٿيارن جي پهري ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيا ويا. ٻئي طرف مارجي ويل جوڻيجا ڌر جي ٽن ڀائرن مدن جوڻيجو، معشوق جوڻيجو ۽ مرزا جوڻيجو جي هٿيارن جي پهري هيٺ ڳوٺ ڊرگھپور ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کين اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن 8 ڄڻن جي مارجڻ بعد علائقي ۾ ڏهڪا واري صورتحال ڇانيل آهي ۽ علائقي واسين ۾ خوف و حراس پکڙيل آهي. علائقي ۾ امن قائم ڪرائڻ لا پوليس علائقي ۾گشت ۽ جهيڙيندڙ ڌرين جي ڳوٺن ٻاهران پوليس چوڪيون قائم ڪري ورتيون آهن. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي تاجوديرو سيد شاهجهان شاهه ٻڌايو ته علائقي ۾ امن قائم ڪرايو آهي، وڏي انگ ۾ پوليس نفري مقرر ٿيل آهي. ٻئي طرف قتل ٿيل جوڻيجا برادري جي ٽن ڀائرن سوڌو چئن مقتولن جو ڪلهوڙا برادري جي 12 ڄڻن سميت 15 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪلهوڙا-جوڻيجا تڪرار ۾ قتل ٿيل جوڻيجا برادري جي ٽن ڀائرن علي مدد، مرزا ۽ معشوق پٽ دلاور جوڻيجو سميت چئن مقتولن جي قتل جو ڪيس جهٻر شيخ ٿاڻي تي مقتول ڀائرن جي ما آمنا زال دلاور جوڻيجو جي فرياد تي ڪلهوڙا برادري جي 12 ڄڻن سميت 15 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو. داخل ڪرايل ڪيس ۾ حفيظ پٽ بدل ڪلھوڙو، قربان پٽ رسول بخش، رمضان پٽ پريل، حبيب الله پٽ پريل، دلمراد پٽ حوت، ڪراڙو پٽ خدا بخش، بھار پٽ موسو، وحيد پٽ ميرل، بدل ، ابراهيم ، سعيد ڪلهوڙو ۽ ٽن ناريجا برادري جي جوابدارن ساجد پٽ بھرام ناريجو، مرچو پٽ ڪراڙو ناريجو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. جڏهن ته جوڻيجا ڌر سان گڏ مارجي ويل عاشق جوڻيجو جي قتل جو ڪيس سندس وارث داخل ڪرائيندا، جڏهن ته ڪلهوڙا برادري جي ٽن مقتولن جي قتل جو ڪيس اڃان تائين داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button