سنڌ

پيپلز پارٽي کي امپائر جي اشاري جو انتظار ناهي:سعيد غني

اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آھي ته پيپلز پارٽي جو لانگ مارچ جيئن ئي اڳتي وڌي پيو، تيئن ئي عمران خان جو روئڻ وڌي رهيو آھي. پيپلز پارٽي کي ڪنهن به امپائر جي آڱر جي اشاري جو انتظار ناهي. اهڙو انتظار پي ٽي آ وارا ڪندا آھن. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي عوامي لانگ مارچ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عمران خان کي ڪجھه ادب ته سيکاري ڇڏيا آھن، جيڪو شخص ڪنهن جي جنازي ۾ شريڪ نه ٿيندو هو، اهو اڄ عيادت پيو ڪري. سعيد غني چيو ته وزيراعظم ۽ چوڌري ڀائرن ۾ ٿيل ملاقات ۾ تحريڪ عدم اعتماد بابت ڪا به ڳالھه ناهي ٿي، جنهن مان ثابت ٿيو ته عمران خان خلاف تحريڪ عدم اعتماد ضرور ايندي. پ پ جي عوامي لانگ مارچ جا نتيجا اچڻ شروع ٿي چڪا آھن جو پي ٽي آ جي جوڪر مارچ کي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو آھي. پي ٽي آ مان صفائي شروع ٿي چڪي آھي، جتي به اليڪشن وڙھن ٿا اتان هارائين پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button