سنڌ

مارچ ڏسي عمران خان جون ڄنگهون ڏڪي رهيون آهن:مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گهوٽڪي جي مين چوڪ تي عوامي مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو مارچ شروع ٿيڻ دوران عمران خان جون ڄنگهون ڏڪي رهيون آهن. مارچ جي دهشت کان بجلي ۽ پيٽرول جون قيمتون گهٽ ڪري ڇڏيون ته وڌايون ڇو هيون. قيمتون پنهنجي پيٽ ڀرڻ لا وڌايون هيون. اسانکي پورو يقين آهي ته عمران خان کي جمهوري طريقي سان هٽائينداسين. هن چيو ته عدم اعتماد جي ڪاميابي کانپو اسان بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻائينداسين. هن چيو ته جنهن مشن تي چيئرمين نڪتل آهي، اهو مشن قبول آهي. هن چيو ته عمران خان کي جمهوري طريقي سان ڪڍيو ويندو. ان موقعي تي هن گو عمران گو جا نعرا پڻ هڻايا. جڏهن ته پ پ صوبائي صدر نثار کهڙو، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ايم اين اي محمد بخش مهر، خالد لنڊ، بابر لنڊ، گل محمد جکراڻي، مھتاب ڏهر، عبدالباري پتافي به خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button