سنڌ

ڪڻڪ جي آڳاٽي فصل جي خريداري لاءِ 5 ارب 60 ڪروڙ رپيا منظور

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه 1.4 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪرڻ لاءِ 5 ڏهائي 6 ارب رپيا فوري طور تي جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنھن لاءِ ٽن ڊويزنن شھيد بينظيرآباد، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ۾ جتي شروعاتي فصل جو لابارو ٿي رھيو آھي، اتي باڙدانو پڻ ورھائڻ شروع ڪيو ويو آھي. ھن اھو فيصلو اربع ڏينھن سال 22-2021 لاءِ ڪڻڪ جي خريداري واري ھدف تي اڳڀرائي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز شاہھ، پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، ناڻي واري سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو. خوراڪ واري سيڪريٽري راجا خرم شھزاد، زراعت واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي خوراڪ واري سيڪريٽري چيو ته حڪومت 2200 رپيا في 40 ڪلو گرام واري امدادي اگھه تي هڪ ڏهائي 4 ايم ايم ٽي خريداريءَ جو ھدف مقرر ڪيو آھي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ھدف مطابق سکر ڊويزن مان 341110 ميٽرڪ ٽن، شھيد بينظير آباد مان 379230 ميٽرڪ ٽن، لاڙڪاڻي مان 380270 ميٽرڪ ٽن، ميرپور خاص مان 58240 ميٽرڪ ٽن، حيدرآباد مان 241150 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي، جتي 167 خريداري مرڪز قائم ڪيا ويا آھن. خوراڪ کاتي سانگھڙ مان 100000 ٽن، ميرپورخاص ڊويزن مان 58240 ٽن ۽ حيدرآباد ڊويزن مان 241150 ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ باڙداني کي ورھائڻ شروع ڪيو ويو آھي. سيڪريٽري خوراڪ چيو ته سندس کاتي کي فوري طور تي 5 ڏهائي 6 بلين رپين جي گھرج آھي ته جيئن آبادگارن کي ادائيگي ڪري سگھجي. ان تي وڏي وزير ناڻي واري سيڪريٽريءَ ساجد جمال ابڙو کي ھدايت ڪئي ته ھُو اڄ شام تائين 5 ڏهائي 6 ارب رپيا جاري ڪرڻ لاءِ ايڊوانس جاري ڪري. ھن ناڻي واري سيڪريٽريءَ کي آبادگارن لاءِ اي ٽي ايم بوٿ قائم ڪرڻ جي پڻ ھدايت ڪئي ته جيئن اھي سندن فصلن جي ادائيگي کي انھيءَ وقت ۽ اتان ڪيش ڪري سگھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button