اسلام آبادپاڪستان

هاڻ ڀارت اسان جي پاڻين ۾ آيو ته پوءِ ميار نه ڏئي:شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پاڙيسري ملڪ ڀارت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت اسان جي پاڻين ۾ ايندو ته پوءِ ڪنهن به قسم جي ميار نه ڏئي. ڪالهه اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ڀارت پاڪستان جي اونهي پاڻين ۾ پنجون ڀيرو مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. گذريل سال ڪوشش ڪئي ته پڪڙي وئي پر ماريو نه ويو. هن چيو ته اسان پرامن قوم آهيون، تنهن ڪري ڀارت کي وارننگ ڏئي ڇڏي ڏنو هو، ڪالهه به اسان انهن کي تنبيهه ڪئي پر هر شئي جو هڪ وقت هوندو آهي. “انف ازانف” اسان جي طرفان آخري وارننگ هئي ۽ جيڪڏهن هاڻ ڀارت اسان جي پاڻين ۾ آيو ته پوءِ ميار نه ڏئي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي فوج عظيم آهي ۽ اسان جي بحريا جو عظيم جذبو آهي، ڪير به پاڪستان جي زميني، سامونڊي ۽ هوائي حدن ڏانهن ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button