اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان نيوي ڀارتي آبدوز کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

راولپنڊي: پاڪ بحريا جاسوسي لاءِ ايندڙ ڀارتي جديد ترين آبدوز جي پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ داخلا جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ان کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ بحريا پهرين مارچ تي جاسوسي لاءِ ايندڙ ڀارتي جديد ترين آبدوز جي پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي. پاڪستان نيوي ڀارتي آبدوز جو رستو روڪي ان کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، ڀارتي بحريا پنهنجي آبدوز کي ناپاڪ مقصدن لاءِ پاڪستان خلاف مقرر ڪيو هو پر پاڪ نيوي هڪ ڀيرو ٻيهر مسلسل چوڪس رهندي پيشيوراڻي مهارت سان ڀارتي آبدوز جي پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button