اسلام آبادپاڪستان

محسن داوڙ ۽ شيرين مزاري جي ڌي ايمان خلاف غداري ڪيس داخل

اسلام آباد :انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌي ايمان زينب مزاري خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ قومي اسيمبلي جي ميمبر محسن داوڙ سميت ٻين ڪارڪنن خلاف به احتجاج ۾ شامل سوين شاگردن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. بلوچ شاگردن اسلام آباد ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو هو، جنهن ۾ ايمان مزاري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا هئا، ان دوران پوليس مٿن لاٺي چارج پڻ ڪئي هئي. ڪوهسار ٿاڻي تي ڪيس رياست مخالف نعرن هڻڻ تي داخل ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button