سنڌ

ڏهرڪي ۾ واپاري قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 ڄڻا بيگناهه قرار ڏئي آزاد

ڏهرڪي پوليس واپاري ستن ڪمار جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن محمد بچل ڏهر ۽ سڌير ڏهر کي جاچ ۾ بيگناهه قرار ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پوليس ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب پوليس قتل ڪيس ۾ مهر برادري جي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب گرفتار ٻنهي ڄڻن ستن ڪمار کي پئسن ۽ زمين جي لالچ ۾ قتل ڪرائڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جن وٽان واردات ۾ استعال ٿيل پسٽل پڻ هٿ ڪيو آهي. پوليس ذريعن موجب ڏهرڪي پوليس پريس ڪانفرنس ذريعي جوابدارن جي گرفتاري ڏيکاري سموري معلومات کان آگاهه ڪندي. ذريعن ٻڌايو ته 3 ڏينهن اڳ ڏهرڪي پوليس وٽ پاڻمرادو پيش ٿيل هزارو پتافي کي قتل ڪيس ۾ جوابدار طور شامل ڪيو آهي. ياد رهي ته واپاري ستن ڪمار کي 31 جنوري 2022 تي ريتي لنڪ روڊ تي قتل ڪيو ويو هو. پوليس 6 فيبروري 2022 تي مقتول جي ڀائيٽي دليپ ڪمار جي فرياد تي گناهه نمبر 41، 2022ع تحت جوابدار بچل ڏهر، سڌير ڏهر ۽ 4 اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button